سکر: ڪمشنر سکر ڊويزنل غلام مصطفيٰ ڦل جي صدارت هيٺ ٻه سالا ٽاسڪ فورس جو اجلاس سندس آفيس ۾ ڪانفرنس روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ 13 مارچ کان 18 مارچ تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر، خيرپور، گهوٽڪي، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، پي پي ايڇ آءِ، پوليس، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، صحت کاتي جي آفيسرن، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل ٻن سالن کان سنڌ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو، جيڪا وڏي خوشي جي ڳالهه آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفيٰ ڦل پوليو جي ماحولياتي نموني منفي ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي پوليو ٽيمن ۽ انتظاميه جي واکاڻ ڪئي ۽ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڪمشنر سکر هدايت ڪئي ته پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ انتظامي ۽ صحت کاتي جا آفيسر سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان لاڳاپا مضبوط ۽ بهتر ڪن ته پوءِ ئي پوليو مهم ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته پوليو ورڪرز ۽ عملي کي تربيت ڏني وڃي. ڪمشنر سکر ڊويزن هدايت ڪئي ته نون ڄاول ٻارن جي رجسٽريشن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي، جيڪڏهن ٻارن جي ڄمڻ جي ڊيٽا کي بهتر طريقي سان هٿ ڪيو وڃي ۽ ان کي مائڪرو پلان ۽ ٽارگيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ته پوليو جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، ڊي ايڇ او سکر چيو ته اسان جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو آهي. ٻارن جي ڄمڻ جي ڊيٽا بهتر انداز ۾ جاري ڪئي وئي جڏهن ته صدرالدين شاهه جي عرس جي موقعي تي زائرين جي ٻارن کي ويڪسين ڪرڻ لاءِ ڪيمپ به لڳائي وئي آهي.