ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي شرجيل انعام ميمڻ موجب نئون روٽ آر 12 کوکرا پار ملير کان صدر 35 ڪلو ميٽر تي ٻڌل هوندو. روٽ آر 12 تي بس سروس اڄ ڏينهن جو 3 وڳي کان باضابطه طور شروع ڪئي ويندي ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير موجب بس سعود آباد، ڪالا بورڊ، قائد آباد، لانڍي، ڪورنگي، قيوم آباد ۽ ايف ٽي سي کان گذرندي =شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومتي مدي جي خاتمي باجود نئين بسز جي اچڻ جو سلسلو جاري رهندو. سنڌ جي عوام ايندڙ نئين بسز کان جلد فائدو حاصل ڪري سگهندي ٽرانسپورٽ واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد شهرين کي آسان ۽ آرام ڏيندڙ سفري سهولتون ڏيڻ آهي. نئين روٽ سان ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو۽ هزارين ماڻهن کي فائدو ٿيندو