شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ موبائل ايپليڪيشن ڊزائن پراجيڪٽس جي نمائش لڳائي وئي

ڄامشورو : شهيد ﷲ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري پاران موبائل ايپليڪيشن ڊزائن پراجيڪٽس جي نمائش لڳائي وئي جنهن جو افتتاح يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪيو.ڪميونيڪيشن ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي آخري سال جي 14 شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف موضوعن تي پراجيڪٽ نمائش ۾ رکيا. جن موضوعن تي ايپليڪيشنس ٺاهيون ويون انهن ۾ عورت، سيبس يونيورسٽي، مرچي برانڊ، ماسي، رهائش اختيار ڪيو، زندگي، پاڻي ۽ ٻيا شامل هئا. شاگردن جي پراجيڪٽس ۾ عورتن جي بيمارين، ريسٽورنٽس تان کاڌي جي فراهمي، يونيورسٽي ويب سائيٽ کي سولو بڻائڻ، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي، رت جو عطيو، بيوٽي پارلر، ٻارن جو خيال رکڻ، زخمي جانورن جو علاج، هاسٽلن جي موجودگي، گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسين جي موجودگي ۽ ٻيا خيال پيش ڪيا ويا.نمائش بابت ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته شاگردن جو ڪم انتهائي واکاڻ جوڳو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته سندن ڪم مارڪيٽ تائين پهچائجي جيئن سندن حوصلا افزائي ٿئي ۽ ڪم کي پذيرائي به ملي. ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته يونيورسٽين ۽ مارڪيٽ ۾ موجود انڊسٽرين ۾ رابطو تمام ضروري آهي، اسان ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪوششون وٺي رهيا آهيون ته جيئن ڪو به نوجوان روزگار کان وانجهيل نه رهي ۽ نه ئي سندس محنت ضايع ٿئي.ريا رميش، حسين، پوجا، رباعشه، حرمين، اريبه، شجاع، دينار، اريده، منهال، بختاور، انيشه ۽ نور ٽالپر پراجيڪٽس پيش ڪيا جڏهن ته فيڪلٽي ميمبرن ممتاز منگي ۽ محمد زمان ڀٽو سندن سپروائيزر هئا.