صدر ٽرمپ بائنانس جي باني کي معافي ڏئي ڇڏي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪرپٽو ايڪسچينج بائنانس جي باني چانگ پينگ ژائو کي معافي ڏئي ڇڏي آهي، جن کي اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي دور حڪومت ۾ ڪرپٽو ڪرنسي سان لاڳاپيل ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي۔وائيٽ هائوس موجب صدر ٽرمپ پنهنجي آئيني اختيارن جو استعمال ڪندي چانگ پينگ ژائو کي مڪمل معافي ڏني۔ پريس سيڪريٽري ڪيئرو لائين ليوٽ چيو ته بائيڊن حڪومت ڪرپٽو ڪرنسي خلاف مهم دوران ژائو کي نشانو بڻايو هو۔چانگ پينگ ژائو، جيڪو ڪرپٽو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي شخصيتن مان هڪ آهي، گذريل سال بائنانس جي سي اي او جي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ڪمپني آمريڪي حڪومت سان 4.3 ارب ڊالر جي تصفيي تي راضي ٿي هئي۔ ژائو پنهنجو چار مهينا قيد جو مدو مڪمل ڪري چڪو آهي۔ٽرمپ طرفان ڏنل اها معافي بائنانس لاءِ آمريڪا ۾ ٻيهر ڪاروباري سرگرمين جي شروعات جو رستو هموار ڪري سگهي ٿي۔ معافي کان پوءِ ژائو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي اظهارِ تشڪر ڪندي چيو ته هو آمريڪا کي “ڪرپٽو جو عالمي گاديءَ جو هنڌ” بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو۔واضح رهي ته هن سال جي شروعات ۾ به صدر ٽرمپ ڪرپٽو ايڪسچينج بِٽ ميڪس جي باني سميت ڪيترن ئي ڪاروباري شخصيتن کي معاف ڪيو هو۔