عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ مهانگو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ واڌ ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 400 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 97 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 343 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 69 هزار 496 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 23 ڊالر گهٽجڻ سان 1819 ڊالر في اونس آهي.