لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ پيشي لاءِ زمان پارڪ لاهور کان اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي.عمران خان قافلي جي شڪل ۾ موٽر وي اسلام آباد پهچندو. توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي اڄ جوڊيشل ڪمپليڪس جي نيب ڪورٽ 1 ۾ ٿيندي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري رکيو آهي.عمران خان امڪاني طور تي اڄ جوڊيشل ڪمپليڪس جي اليون ۾ پيش ٿيندو. سيشن عدالت 31 جنوري تي عمران خان مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي هئي.