لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ کڻي بلوچستان پوليس لاهور پهچي وئي.عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بلوچستان پوليس زمان پارڪ ويندي ۽ جيئن ئي عمران خان زمان پارڪ پنهنجي رهائشگاهه کان ٻاهر نڪرندو کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.پوليس زمان پارڪ ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز پهچائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته پوليس طرفان قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا نوجوانن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.زمان پارڪ ڏانهن ايندڙ وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. پوليس شهر جي مختلف علائقن مان ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ لڳي جن کي نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي.ڪينال روڊ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي اڳيان وڌڻ جي ڪوشش دوران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون جنهن تي پوليس واٽر ڪينن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو. پوليس واٽر ڪينن جو استعمال ڪري پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. پوليس طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ پڻ ڪئي وئي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪوئٽه جي بجلي روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس شهري عبدالخليل ڪاڪڙ جي درخواست تي داخل ڪيو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان رياستي ادارن خلاف بي بنياد الزام لڳايا. هن رياستي ادارن جي آفيسرن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪري نفرت پکيڙي. جنهن سان ملڪ جي امن امان کي سخت خطرا آهن ۽ سندس تقريرون عوامي امن امان کي خراب ڪرڻ جي برابر آهن. درخواست ڏيندڙ درخواست سان گڏ عمران خان جي تقرير جي رڪارڊنگ پڻ پيش ڪئي آهي.عمران خان تي ايف آءِ آر اليڪٽرانڪ ڪرائمز جي روڪٿام سميت ٻين قلمن تحت داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان رياستي ادارن جي آفيسرن خلاف بنا جواز چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪري نفرت پکيڙي.