عمران خان ملڪ جو اهڙو خانو خراب ڪيو آهي جو ڏکيائين سان پار ٿينداسين: آصف زرداري

وهاڙي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان ملڪ جو اهڙو خانو خراب ڪيو آهي جو ڏکيائين سان پار ٿينداسين.وهاڙي ۾ استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته هڪ بيوقوف کي وزيراعظم بنايو ويو جنهن ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن کي ڪا سوچ ئي نه هئي ته اهڙن ڪمن سان اڳيان هلي ملڪ جي ڪهڙي حالت ٿيندي. عمران خان کي واپس اتي وڃڻ گهرجي جتان کان کيس ڪڍيو ويو.اڳوڻي صدر چيو ته پاگل خان اڄ به سياست ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي پر مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍندس ۽ هر قيمت تي ڪڍندس.آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي ويو، ڊيفالٽ ٿي ويو، اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، آمريڪا، جاپان ۽ برطانيه به ڊيفالٽ ٿي ويا هئا، ان سان ڪوبه فرق نه پوندو. هيٺ مٿانهين ٿيندي رهي آهي، اهو عارضي مشڪل آهي، اهو وقت به اچڻ وارو آهي جڏهن ملڪ جي بهتري جا فيصلا اسان ڪنداسين. پاڪستان ۾ هر قسم جي سهوليت موجود آهي اسان کي ان مان صرف فائدو کڻڻو آهي.