عمران خان پنهنجي قتل واري سازش جي الزام تي قائم آهي ته ثبوت ڏئي: پنجاب حڪومت

لاهور: پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته عمران خان جي گهر تي ڇاپي جي اسان وٽ ڪابه رپورٽ نه آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عامر چيو ته عمران خان بي بنياد الزام لڳائي عدالتن مان ڇوٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هو زمان پارڪ جو نوگو ايريا اسٽيٽس بحال ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن کيس جي آءِ ٽي ڀروسو ناهي ته پوءِ هن پوليس جي سيڪيورٽي ڇو حاصل ڪئي آهي.هن چيو ته عمران خان جي گهر تي ڇاپي بابت اسان وٽ ڪابه اطلاع ناهي اها هن جي هٿ ٺوڪي ڪهاڻي آهي. عمران خان پنهنجي قتل جي سازش واري الزام تي قائم آهي ته ان جو گڏيل ثبوت فراهم ڪري ٻئي صورت ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائي لازمي آهي.