عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو پيو ته ڪنداسين: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان کي عدالتن ۾ پيش ٿيڻو پوندو نه ته کيس پيش ڪيو ويندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان کي ماڻهن کي سزائون ڏيارڻ جو گهڻو شوق هو، هاڻ پنهنجو وارو آيو اٿس ته عدالتن کي منهن ڏئي، عمران خان مديني جي رياست جي ڳالهه ڪندو آهي ته پوءِ کيس عدالتي مڃيندي پيش ٿيڻ گهرجي.هن چيو جڏهن پوليس زمان پارڪ وئي آهي ته ان وٽ وارنٽ ته موجود هو، جيڪڏهن هو عدالت ۾ پيش ٿي وڃي ٿو ته ٺيڪ نه ته طريقي ڪار مختلف به ٿي سگهي ٿو، جنهن ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو پيو ته ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي قتل جو الزام عمران خان نه پيو لڳايان پر قتل ٿيڻ کان اڳ ايف آءِ آر داخل ٿي وڃي ته قتل آسان ٿي ويندو آهي، اهڙي الزام بازي خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، عمران خان کي چيو آهي ته توهان جو طريقي ڪار توهان لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.راڻا ثناءُالله چيو ته اسان کي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي پر کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، جڏهن ته عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي جو فيصلو پيمرا جو آهي ۽ پيمرا اختياريون ئي ان حوالي سان جواب ڏئي سگهن ٿيون.