اسلام آباد: جي عدالت عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ جاري عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ 18 مارچ تائين معطل ڪري ڇڏيا.پي ٽي آءِ چيئرمين سول جج طرفان جاري ڪيل ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ کي سيشن جج جي عدالت ۾ چئلينج ڪيو پر سيشن جج طاهر محمود جي موڪل تي هجڻ سبب ڊيوٽي جج سڪندر خان جي عدالت ۾ داخل ڪئي وئي.ڊيوٽي جج سڪندر خان درخواست ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني کي مارڪ ڪري ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته عمران خان تي لڳايل قلم ضمانت ٿيڻ جوڳا آهن، ان تي جج سوال ڪيو ته ان کان اڳ ڇا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا هئا؟ وڪيل چيو ته ان کان اڳ عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري نه ٿيا هئا.عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان جوڊيشل ڪملپيڪس ۾ پيش ٿيو ان تي جج چيو ته عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيو پر عدالت ۾ ته پيش نه ٿيو نه؟ عدالت ۾ 2014 تي حملو ٿيو، ڇا ان کان پوءِ عدالت شفٽ ٿي؟ عمران خان جي حڪومت هئي، پر پوءِ به عدالت شفٽ نه ٿي. اوهان پنهنجي حڪومت واري دور ۾ عدالت کي ٻئي هنڌ شفٽ نه ڪرايو. تحريڪ انصاف نالو ته وڏو آهي پر ڪيو ڇا آهي؟ ڳالهيون ته وڏيون ٿينديون آهن، تحريڪ انصاف جو ڪوبه هڪ ليگل ريفارم ٻڌايو؟ عدالت ۾ ته عمران خان اڳ به اچي چڪو آهي ٻيهر به اچي سگهي ٿو. عمران خان کي ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪرڻي هئي، ان لاءِ عدالت کيس گهرايو هو.عمران خان جي وڪيل چيو ته 21 مارچ جي تاريخ ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به وڊيو لنڪ جي درخواست داخل ڪئي آهي ان تي جج چيو ته اوهان کي به خبر آهي ته وڊيو لنڪ تي ڇا ٿيندو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ وڪيلن کي سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت دستاويز عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.
عدالت پوليس کي 16 مارچ تائين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 15 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته عدالت طرفان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ تي اسلام آباد پوليس ڪالهه هيليڪاپٽر ذريعي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لاهور پهتي هئي پر سندس گرفتاري عمل ۾ نه آئي. ان کان علاوه اسلام آباد جي ئي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ به عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال ڪري ڇڏيا آهن.