عورت جج کي ڌمڪي جو ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ سول جج ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ اڄ به عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ سيڪيورٽي خدشن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو ۽ عمران خان کي 29 مارچ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.عمران خان جي وڪيلن طرفان بريت جي درخواست به ڪئي وئي هئي جنهن تي عدالت دليلن جي لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ٻڌڻي دوران سول جج رانا مجاهد رحيم چيو ته عمران خان عدالتي وقت تي پيش نه ٿيو ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندس، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ۾ 12:30 وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو.وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته سول جج رانا مجاهد رحيم چيو ته عدالت عمران خان کي فرد جرم جي ڪارروائي اڳيان وڌائڻ لاءِ طلب ڪيو آهي. اڃان کيس ڪيس جون ڪاپيون ڏيڻيون آهن. عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪريان ٿو.عمران خان جي وڪيل انتظار پنجوتهه چيو ته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم آهي وزيرآباد ۾ سندس مٿان قاتلاڻو حملو ٿيو اڃان تائين عمران خان مڪمل طور تي صحتياب ناهي ٿيو. عمران خان تي ٻيهر قاتلاڻو حملو ٿي سگهي ٿو. عدالتن کان عمران خان نه پيو ڀڄي، نه ئي وري ڪو بهانو ڪري رهيو آهي سندس اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست کي منظور ڪيو وڃي.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي محفوظ ڪيو هو جيڪو پڙهي ٻڌايو ويو.