غوثپور : وڪيل نورالاهي سندراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندراڻي برادري جو احتجاج

غوثپور وڪيل نورالاهي سندراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندراڻي برادري ۽ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي احتجاج ڪندڙ مير جهانگير سندراڻي، سيد سليم شاهه ۽ سيد زاهد علي شاهه چيو ته وڪيل نورالاهي سندراڻي جي قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي صورت انڊس هاءِ تي ڌرڻو هنيو ويندو.