غير شرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو هي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جج قدرت الله گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي 20 جولاءِ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.درخواستگذار جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان نڪاح وقت بشريٰ بي بي جي عدت مڪمل نه ٿي هئي. عمران خان جو نڪاح لاهور ۾ ٿيو پر ٻئي ڄڻا بني گالا ۾ رهيل هئا. ٻنهي ڄڻن پهرين نڪاح کان پوءِ ڪافي وقت بني گالا ۾ گذاريو.