فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ معطل: اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي کيس اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ خلاف فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي جنهن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي آڏو ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري پيش ٿيو.عدالت ۾ ديل ڏيندي فواد چوڌري جي وڪيل ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري خلاف توهين ڪميشن جي ڪارروائي جاري آهي. جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته چيف جسٽس فيصلو ڏنو ُآهي ته توهين ڪميشن جي ڪارروائي جاري رهندي.جسٽس طارق محمود جهانگيري ريمارڪس ڏنا ته چيف جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ ڪميشن کي اهڙي معاملي تي حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي. ڪجهه به آهي اها به عدالت آهي اوهان کي نوٽيس جاري ٿيا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو سبب آهي ته اوهان اتي ذاتي حيثيت ۾ پيش نه ٿي رهيا آهيو. اوهان ته هاءِ ڪورٽ جي آرڊرن جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي.وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسان ساڳئي ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سامهون پيش ٿيا هئاسين جنهن تي جسٽس طارق جهانگيري چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي ڪراچي ۾ آهي. هاءِ ڪورٽ کان پوءِ اوڏانهن هليا وڃو. اوهان هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ڪميشن ۾ پيش نه ٿي رهيا آهيو، وڪيل جواب ڏنو اسان اليڪشن ڪميشن جي آڏو پيش لاءِ ٿيڻ لاءِ تيار آهيون.جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن. فواد چوڌري کي 20 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس طارق جهانگيري ريمارڪس ڏنا ته اوهان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري رهيا آهيون. ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو، جيڪڏهن اوهان ڪميشن جي سامهون پيش نه ٿيا ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪندس.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن پيش نه ٿيڻ تي فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.