فيض حميد خلاف جاچ ٿي رهي آهي، اڳڀرائي ٿي ته سامهون اچي ويندي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد خلاف جاچ ادارا جاچ ڪري رهيا آهن. ڪابه اڳڀرائي ٿي ته سامهون اچي ويندي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته فيض حميد جو ڪورٽ مارشل حڪومت نه پر ادارو ئي ڪري سگهي ٿو. ڪورٽ مارشل گهرو وزارت نه، ادارو ۽ جي ايڇ ڪيو ڪندو آهي. عمران خان جي انجام تائين پهچڻ کان سواءِ ملڪ اڳيان نه وڌندو. اميد ڪئي ڃي ته عمران خان 13 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿي ويندو. اميد آهي پيش نه ٿيڻ تي وڌيڪ رليف نه ملندو. هاڻ جيڪڏهن ان کان وڌيڪ مهرباني ٿي ته عدليه تي سوال اٿندا.راڻا ثناءُالله چيو ته اسان عدليه جي فيصلن جو احترام ڪريون ٿا، عدليه جا فيصلا اسان لاءِ حيراني جو سبب ضرور آهن. عمران خان کي جهڙو رليف هاءِ ڪورٽ مان مليو آهي اهڙو اڳ اسان ڪڏهن ه ناهي ڏٺو. مون کي نٿو لڳي ته 13 مارچ کان پوءِ ان جي لاءِ وڌيڪ گنجائش ٿيندي.وفاقي گهرو وزير چيو ته فرح گوگي 12 ارب روپيه کڻي دبئي فرار ٿي وئي آهي. فرح گوگي عمران خان جي فرنٽ مين هئي. نيب ۾ سمورو رڪارڊ پيل آهي. ڪڏهن هن ٻڏايو ته 450 ڪئنال جو پلاٽ هن جي نالي ڪيئن ٿي ويو. هن قومي ناڻي کي 50 ارب جي نقصان جو جواب ڇو نه ڏنو؟ نيب کي گهرجي ته سستي ختم ڪري معاملي کي اڳيان وڌائي.هن چيو ته عمران خان کي مني لانڊرنگ، ٽيريان وائٽ ۽ توشه خانه معاملي تي جيڪو رليف ملڻو هو اهو ملي ويو آهي جيڪڏهن ان کي ووٽ جي سان ٻاهر نه ڪيو ويو ته ملڪ ڪنهن وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو.