پشاور: قبائلي ضلعن جي اڳواڻن آدمشماري کان اڳ چونڊن جي مخالفت ڪندي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اڳواڻن چيو ته اسان اسلام آباد تائين وينداسين اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين. هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي خبردار ڪرڻ چاهيون ٿا ته قبائلين سان جيترو ظلم ڪيو ويو اهو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. آدمشماري کان اڳ چونڊون قبائلين جي نمائندگي گهٽ ڪرڻ جي سازش آهي.ان کان علاوه اڳواڻن انضمام جي نالي تي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي 12 مان گهٽ ڪري 6 ۽ سينيٽ مان بلڪل ختم ڪئي وئي آهي، ناانصافين جو سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي. اسان جي آبادي کي گهٽ ظاهر ڪيو ويو آهي اسان چونڊن جو بائيڪاٽ ڪنداسين.