قمبر جيل مان 15 قيدي ڇت ٽوڙي فرار ٿي ويا

ڊسٽرڪٽ جڊيشل سب جيل مان قتل جي جوابدارن سميت 15 قيدي جيل جي ڇت ٽوڙي فرار ٿي وياسنڌ جي ضلعي قمبر_شهداد ڪوٽ ۾ واقع ضلعي جڊيشل سب جيل جي انتظاميه جي لاپرواهي سامهون آئي آهي، جتي قتل سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار جيل جي ڇت ٽوڙي آساني سان فرار ٿي ويا جيل ذريعن موجب جيل مان فرار ٿيلن ۾ منشيات فروش، چوري ۽ قتل جا قيدي به شامل آهن، انهن قيدين خلاف عدالتن ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهن ذريعن موجب فرار ٿيل جوابدارن ۾ عامر گاڏهي، وسيم ٽوٽاڻي، ربنواز خاصخيلي، صدام مغيري ۽ ٻيا شامل آهن واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي قمبر توحيد رحمان ميمڻ ۽ ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ پهچي جيل جو معائنو ڪيو ايس ايس پي قمبر توحيد رحمان ميمڻ موجب پوليس فرار ٿيل قيدين جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ايس ايس پي توحيد الرحمان ميمڻ ڊيوٽي تي موجود اي ايس آءِ کي اهلڪارن سميت گرفتار ڪري فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن ايس ايس پي توحيد الرحمان موجب هيڊ انسپيڪٽر سميت 7 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ اي ايس آءِ امداد گوپانگ، حاجي خان کوسو ۽ ذوالفقار کوسو شامل آهن ايس ايس پي قمبر چيو ته واقعي ۾ غفلت ڪندڙ اي ايس آءِ سميت پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي