لاهور: هاءِ ڪورٽ عدليه کي مبينه طور تي تڪراري بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف توهين عدالت جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ وڪيل جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته راڻا ثناءُالله عدليه خلاف تقريرون ڪيون جيڪي توهين عدالت جي زمري ۾ اچن ٿيون.جسٽس علي باقر نجفي چيو ته اسان کي ٽن شين جو جواب ڏيو ته درخواستگذار متاثر ڌر آهي يا نه؟ درخواستگذار متاثر ڌر ناهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيئن درخواست ڏئي سگهي ٿو ۽ سپريم ڪورٽ جي ججز تي تنقيد ٿيندي ته ان جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿي؟وڪيل چيو ته عدليه خلاف بيان ڏيڻ تي ڪوبه توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري سگهي ٿو. اوهان مريم نواز جي سرگودها ۽ گوجرانوالا جون تقريرون ٻڌو ان ۾ ئي اوهان کي فرق نظر ايندو.جسٽس علي باقر نجفي چيو ته اوهان ايترا ڪيس کڻي آيا آهيو؟ اسان وٽ ته ٽي وي ڏسڻ جو به وقت ناهي هوندو، اوهان يقين رکو، عدالتون ايتريون ڪمزور نه آهن. اوهان کي مفت ۾ مشورو ڏيون ٿا ته اها پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪريو.وڪيل جي شروعاتي دليلن کان پوءِ راڻا ثناءُالله خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪئي وئي.ياد رهي ته ان کان اڳ به لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ عدليه کي مبينه طور تي تڪراري بنائڻ تي راڻا ثناءُالله خلاف توهين عدالت جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ درخواستگذار انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي.