لاهور: هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف داخل ڪيسن جي تفصيلن لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سرڪاري وڪيل حلفي بيان سان گڏ رپورٽ جمع ڪرائي ٻڌڻي دوران فواد چوڌري سرڪاري وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته ڇا حلفي بيان رپورٽ سان لڳل آهي؟ جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته اهو پڇڻ اوهان جو ڪم ناهي، عدالت جو ڪم آهي. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته مون کي اڄ 23 ڪيسز جي لسٽ ڏني وئي. عدالت سرڪاري وڪيل کي به لسٽ تي صحيح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سرڪاري وڪيل چيو ته ايف آءِ اي ڪيسز جي فهرست جي گڏيل ڪاپي حلفي بيان سان گڏ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.فواد چوڌري چيو ته اسان ته سمجهي رهيا هئاسين ته 100 ڪيس آهن پر هي ته 100 کان وڌيڪ آهن. وڪيل اظهر صديق چيو ته اڄ پنجاب ۾ عمران خان خلاف داخل ڪيسن جو انگ 84 آهي جڏهن ته عمران خان خلاف اسلام آباد ۾ ڪيسن جو انگ 43 آهي، ٽوٽل پنجاب ۾ 56 ۽ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو انگ 33 هو. فواد چوڌري چيو ته عمران خان خلاف ڪلاڪن ۾ ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.نيب جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي جنهن تي عدالت نيب جي وڪيل کي فوري طور تي ڪيسز جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.عدالت ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اوهان صرف عمران خان خلاف نيب ڪيسز جي فهرست جمع ڪرائي آهي جنهن تي نيب جي وڪيل چيو ته مون کي پٽيشن جي ڪاپي ڏيو مان جواب جمع ڪرائي ڇڏيندس. وڪيل اظهر صديق چيو ته مون 17 فيبروري تي عمران خان خلاف نيب ڪيسز جي فهرست لاءِ نيب کي خط لکيو پر نيب جي بدنيتي آهي. اسان جو حق آهي ته ٻڌايو وڃي عمران خان خلاف نيب ۾ ڪيترا ڪيسز داخل آهن.عدالت 24 مارچ تي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو عمران خان خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيترا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن؟ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن تعاون نه پيا ڪن. اينٽي ڪرپشن به جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اڄ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن تفصيل جمع ڪرائي ڇڏين ها ته ڪيس ختم ٿي وڃي ها. جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي ۽ پوليس ڪيسن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن هاڻ حڪم امتناع کي برقرار نٿو رکي سگهجي.لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.