لاهور: عمران خان طرفان اڄ ريلي ڪڍڻ جي اعلان کان پوءِ پنجاب حڪومت لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪري رينجرز کي طلب ڪري ورتو، ريليون ڪڍڻ تي پابندي هوندي.نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه هڪ ڀيرو ٻيهر اهم ڏينهن تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ اڄ پي ايس ايل جو هڪ ميچ، 40 ڪلو ميٽر جي ميراٿن ۽ سائيڪل ريس ٿي رهي آهي.عامر مير چيو ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ قلم 144 لڳائي وئي آهي. انتظاميه پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين ٻڌايو ته اوهان ريلي جي تاريخ کي اڳيان وڌايو.ذريعن موجب پنجاب حڪومت طرفان ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اڄ صبح قلم 144 سبب زمان پارڪ سميت ٻين اهم هنڌن تي رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. عمران خان چيو هو ته لاهور ۾ چونڊ ريلي جي اڳواڻي مان پاڻ ڪندس. مون کي خبر آهي ته هي چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا، هي مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا يا ڪنهن کي به قتل ڪرائي سگهن ٿا.