مبارڪپور : ڀرسان روڊ حادثو، نينگر فوت

مبارڪپور : ڀرسان ڳوٺ خان ڪٽو ۾ 12 ورهين جو نينگر رفيق پٽ پريل ڪٽو ٽريڪٽر ٽرالي هيٺيان اچي فوت ٿي ويو آهي. نينگر پنهنجي ماميءَ جي شاديءَ ۾ ڳوٺ خان ڪٽو کان ڄڃ سان ٽريڪٽر تي ڳوٺ ٻيلو ڪٽو وڃي رهيا هيا ته حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر فوت ٿي ويو آهي.جڏهن ته سندس لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.