لاهور: ليگ اڳواڻ مريم نواز پنهنجي پيءَ نواز شريف کي قيد دوران زهر ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.هڪ انٽرويو ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف کي قيد دوران زهر ڏيڻ سان سندس پليٽيليٽس گهٽجي ويا هئا، ان جي حالت بگڙي وئي ۽ هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آيو ته ڪجهه ماڻهن جا هٿ پير سڄي ويا.هن چيو ته نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ انهن ئي ماڻهن جي مجبوري هئي، ڪڏهن نه ڪڏهن اها ڳالهه سامهون اچي ويندي ته ان معاملي ۾ به عمران خان ملوث هو.