مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.مريم نواز جا نامزدگي ڪاغذ سندس وڪيل ايڊووڪيٽ محمد اسماعيل جمع ڪرايا آهن. مريم نواز طرفان پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 173 لاهور جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن.ياد رهي ته 2018 جي عام چونڊن ۾ هن تڪ مان تحريڪ انصاف جو سرفراز حسين 29 هزار کان وڌيڪ ووٽن سان ڪامياب ٿيو هو. جڏهن ته(ن) ليگ جو عرفان کوکر 27 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو هو.