لاهور: مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هينئر تائين 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.مفت اٽو ته نه مليو پر موت ملي وئي، هينئر تائين مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن پر انتظاميه عزت ۽ سڪون سان اٽي جي ورهاست جو طريقيڪار نه بنائي سگهي آهي.بکر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ بيهي انتظار ڪندڙ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. مظفر ڳڙهه ۾ بدنطمي سبب پيرسن عورت فوت ٿي وئي. جڏهن ته ملتان، فيصل آباد ۽ ڪوٽ ادو ۾ قطارن ۾ انتظار ڪندڙ ماڻهو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويا.هوڏانهن چارسده ۾ اٽي جي ورهاست دوران بدنظمي سبب هڪ شهري فوت ٿي ويو. ٻئي طرف اٽو نه ملڻ تي پشاور ۾ به احتجاج ڪيو ويو. عورتن روڊ بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڊيره غازي خان جي تعلقي تونسه ۾ اٽو نه ملڻ تي شهرين نئين مقرر اسسٽنٽ ڪمشنر جي سامهون احتجاج ڪيو. ان دوران هڪ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڪوٽي لاهي ڇڏي جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گارڊ عورت کي ٿڦڙ هنيو ته شهري مڇرجي پيا جنهن کان پوءِ شهرين اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي حملو ڪري ڇڏيو.