ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ واڌ ٿي وئي آهي.سنڌ جي سونارڪي بازار جيولرز ايسوسي ايشن موجب سون جو في تولو قيمت 500 رپيا وڌي هڪ لک 96 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جو ملهه 429 رپيا وڌي هڪ لک 68 هزار 467 رپيا ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي سوناري بازار جو اگهه هڪ ڊالر وڌي 1844 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.