ملڪ ۾ زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو

پشاور: ملڪ ۾ گذريل ڏينهن ايندڙ 6.8 شدت جي زلزلي سبب هينئر تائين 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن.پاڪستان جي 3 صوبن پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان سميت ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا. زلزلو 9 لڳي 47 منٽن تي آيو جنهن جا لوڏا ڪافي دير تائين محسوس ڪيا ويا.زلزلي سبب خيبرپختونخواهه جو ضلعو سوات سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جتي ريسڪيو جو ڪم به جاري آهي. زلزلي جو مرڪز افغانستان ڪوهه هندوڪش ۽ اونهائي 180 ڪلو ميٽر هئي.پراونشل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) خيبرپختونخواهه زلزلي سبب ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب زلزلي سبب 20 گهرن کي جزوي طور تي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته فوت ٿي ويلن ۾ 2 ٻار ۽ 2 عورتون به شامل آهن.ريسڪيو 1122 موجب لوئر دير ۾ زلزلي سبب هڪ عورت فوت ۽ 60 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. زخمي ٿيندڙ ماڻهو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڪري پيون.ضلعي انتظاميه ٻڌايو ته مالاڪنڊ ڊويزن ۾ هينئر تائين جي رپورٽن موجب 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 263 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.اسپتال ذريعن موجب 193 زخمي سيدو شريف اسپتال آندا ويا جن مان 93 ڄڻا زخمي ۽ ٻيا ڊپ سبب بيهوش ٿيا. 18 مريض هن وقت به اسپتال ۾ داخل آهن جڏهن ته ٻين کي فارغ ڪيو ويو آهي. هينئر تائين جي اطلاعن موجب 20 گهرن کي نقصان پهتو آهي.ڪمشنر مالاڪنڊ شاهدالله خان جو چوڻ هو ته سموريون حالتون ڪنٽرول ۾ آهن۽ نقصانن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اڄ شام تائين جابلو علائقن جي به خبر پئجي ويندي. سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي.