ملڪ : ۾ محرم الحرام 1445 هجري جو چنڊ نظر نه آيو.محرم الحرام 1445 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئيٽه ۾ ٿيو.اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ آسمان صاف رهيو، ڪٿان به چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي وصول ناهي ٿي.سندس موجب اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته پهرين محرم الحرام 1445 هجري خميس 20 جولاءِ تي ٿيندي ۽ عاشوري جو ڏينهن 10 محرم الحرام 29 جولاءِ ڇنڇر تي هوندي.