موسميات کاتي اڄ به ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ملتان، اسلام آباد، پشاور، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ اڄ ٻيهر تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
ڪيترن ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. اتر وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.ڪراچي ۾ رات دير سان سهراب ڳوٺ، سپر هاءِ وي، راشد منهاس روڊ ۽ اسڪيم 33 سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي. صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ به تيز برسات پئي. شهر ۾ اڄ ۽ سڀاڻي ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جا امڪان به ظاهر ڪيا ويا آهن.حيدرآباد، مٽياري، هالا، نيوسعيدآباد، قاضي احمد، جوهي، واهي پانڌي ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات پئي. شهدادپور ۽ ٽنڊوآدم ۾ مٽيءَ جي طوفان کان پوءِ تيز برسات پئي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي.بلوچستان ۾ برسات سبب بولان ندي ۾ چاڙهه اچي وئي. پنجره پل واري هنڌ تي قومي شاهراهه پاڻي هيٺ اچي وئي جنهن سبب ڪوئٽه، سبي شاهراهه ٽريفڪ جي لاءِ بند ٿي ويو. گلگت بلتستان ۾ استور، چلاس، بابو سر ٽاپ ۽ گئي داس ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات پئي. مظفر آباد، آزاد ڪشمير ۾ برسات پئي.