موسم خراب هجڻ سبب ايوان صدر ۾ يوم پاڪستان جي پريڊ ملتوي

اسلام آباد: موسم خراب هجڻ سبب ايوان صدر ۾ ٿيندڙ يوم پاڪستان جي پريڊ ملتوي ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان موجب يوم پاڪستان جي ملتوي ٿيل پريڊ هاڻ 25 مارچ تي ٿيندي.ياد رهي ته هن ڀيري پاڪ فوج جي پريڊ شڪرپڙيان جي بجاءِ ايوان صدر ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.روايتي پريڊ محدود پيماني تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪفايت شعاري پاليسي جي تحت ڪيو ويو هو. ياد رهي ته اڄ يوم پاڪستان جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڏينهن جي شروعات 31 توپن جي سلامي سان ٿي جڏهن ته سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوٽه ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي.