ميهڙ: زرعي زميني تڪرار تان هٿياربندن جو گهر مٿان حملو، 2 ڀينرون قتل

ميھڙ: ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جعفر چانڊيو ۾ چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو زرعي زميني تڪرار ھڪ دفعو ٻيهر ڪر کنيو آھي, هڪ ڌر پاران پلاند ۾ گهر تي حملو ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه ڀينرون مسمات زاهده چانڊيو ۽ مسمات حبيبان چانڊيو موقعي تي ئي قتل ٿي ويون آھن.اهڙو اطلاع ملڻ تي ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور مصطفيٰ پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا ڳوٺ جعفر چانڊيو واقعي واري هنڌ پهتا پر ان کان اڳ جوابدار پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا, جنهن بعد پوليس قتل ٿي ويل ٻنهي سڳين ڀينرن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء تعلقه اسپتال ميهڙ کڻائي آئي جتي لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.ياد رهي ته ٽي مهينا اڳ هٿياربند ڌر پاران مقتول نارين مسمات زاهده چانڊيو ۽ مسمات حبيبان چانڊيو جي والد علي گوهر چانڊيو ۽ سندس پٽ حسن چانڊيو جي ڌر تي مقتول عاشق چانڊيو ۽ سندس ڀيڻ حاڪمزادي جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو جن کي ايس ايڇ او بي سيڪشن ميهڙ نور مصطفي پٺاڻ پاران هڪ مهينو اڳ خفيه اطلاع ملڻ تي گرفتار ڪري ورتو هو.پوليس موجب 3 مهينا اڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ڀيڻ ڀاءۡ مقتول عاشق چانڊيو ۽ سندس ڀيڻ حاڪمزادي چانڊيو جي قتل جو پلاند ڪرڻ لاء جوابدارن پاران گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مسمات زاهده چانڊيو ۽ مسمات حبيان چانڊيو قتل ٿي ويون آھن هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ناهي ٿي سگهيو.