اسلام آباد: حڪومت عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي شرط تي لگزري شين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.ايف بي آر ڪيترين ئي لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن سبب 4 مهينن ۾ 15 رب روپين کان وڌيڪ آمدني ٿيندي.نوٽيفڪيشن موجب امپورٽڊ اليڪٽرونڪس شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن سبب 4 مهينن دوران 15 ارب روپين کان وڌيڪ آمدني ٿيندي.نوٽيفڪيشن موجب امپورٽڊ اليڪٽرونڪس شين، ميڪ اپ جو سامان، امپورٽڊ لپ اسٽڪ، فيس پائوڊر، وارن لاءِ رولر ۽ ڊرائنرز تي به سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پالتو جانورن جي امپورٽڊ خوراڪ، امپورٽڊ برانڊڊ شوز، امپورٽڊ برانڊ جا پرس، امپورٽڊ شيمپو، صابڻ ۽ لوشن، امپورٽڊ برانڊ، هيڊ فونز، آءِ پوڊ ۽ اسپيڪرز، امپورٽڊ دروازن ۽ درين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه امپورٽڊ لگزري ٿانو، امپورٽڊ باٿ فٽنگز، امپورٽڊ ٽائلز، سينيٽري سامان، امپورٽڊ فانوس ۽ فينسي لائٽس تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته امپورٽڊ ۽ مقامي تيار ٿيندڙ 1400 سي سي گاڏين تي به 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندو.