مُلڪ ۾ چونڊون نئين آدمشماري ۽ تڪبندين تحت ٿيڻ گهرجن : قانون وارو وفاقي وزير

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مُلڪ ۾ چونڊون نئين آدشماري ۽ تڪبندين تحت ٿيڻ گهرجن، نگران سرڪار کانسواءِ چونڊن تي آڱريون کڄنديون.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان گهرو ۽ بچاءُ واري وزارت جا خدشا برقرار آهن، شخصيتن جي حوالي سان عدليا جي اداري ۾ فرق ڏٺو ويو .هن چيو ته عمران خان کي هاڻي ياد آيو آهي ته عدليا بچايو تحريڪ هلائڻي آهي، پاڻ پنهنجي حڪومت ۾ مخالفن مٿان ظلم ڪيا، ان وقت اِهو آواز بلند ٿيندو هو ته عدليا ڪنهن نه ڪنهن سطح تي دٻاءُ جو شڪار آهي، عمران خان جو پنهنجن ڪيسن ۾ رويو به سڀني جي سامهون آهي.اعظم نذير تارڙ چيوته هر شهري جو حق آهي ته هر فيصلي جي ميرٽ تي ڳالهائي، گذريل 3 مهينن کان اسلام آباد جي عدالت عمران خان کي نوٽيس اُماڻي رهي آهي، عدالت نوٽيس موڪلي ٿي ۽ عمران خان ڄنگهه تي ڄنگهه رکيون ويٺو هوندو آهي، جتي فردم جرم لاڳو ٿيڻو هو اتي پيش ٿيڻ جي تڪليف ئي نه ڪيائين، عمران خان پنهنجي ڪردار کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، ان ۾ هڪجهڙائي هئڻ گهرجي.