ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ چوماسي برساتن کان پوءِ جمنا درياءَ پاڻي سان ڀرجڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال آهي. ان دوران متاثرين لاءِ ٺاهيل ريليف ڪيمپ به پاڻي ۾ ٻڏي ويو ڀارتي ميڊيا موجب تيز برساتن ۽ جمنا درياءَ پاڻي سان ڀرجڻ سبب نئين دهلي جا مختلف علائقا، روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. انتظاميه طرفان عارضي ريليف ڪيمپ ٺاهيا ويا آهن جتي شهرين کي ريسڪيو ڪري پناهه ڏني وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ٻوڏ واري صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ تي هاڻ پراڻي دهلي جمنا بازار ۾ قائم ڪيل ريليف ڪيمپ به پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. اهو ريليف ڪيمپ خميس تائين بالڪل خشڪ هو. ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت طرفان 27 هزار ماڻهن لاءِ 2 هزار ست سئو ريليف ڪيمپ ٺاهيا ويا آهن جتي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي ۽ کاڌي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.رپورٽن موجب نئين دهلي ۾ رات دير سان ٻيهر برسات پئي آهي جنهن سبب وڌيڪ صورتحال خراب ٿي وئي آهي. متاثر ريليف ڪيمپن ۾ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان کان علاوه ٻوڏ صورتحال سبب پيئڻ جي پاڻي جا 3 پلانٽ به بند ٿي ويا هئا جنهن سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي وئي هئي پر هاڻ ٻڌايو پيو وڃي ته درياءَ ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ کان پوءِ اڄ صبح چندروال واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ کي کوليو ويو آهي جڏهن ته وزيرآباد ۾ قائم پاڻي جو پلانٽ به کوليو ويندو.هوڏانهن نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال يقين ڏياريو آهي ته ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال ۾ مدد لاءِ جمنا درياءَ جا پنج ئي دروازا کولڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ گند ڪچرو جمع ٿي ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته آءِ ٽي او بيراج جو اڳ کان جام ٿيل گيٽ کوليو ويو آهي جلد ئي پنج گيٽ کوليا ويندا. هن چيو ته اسان کي عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.