نوازشريف(ن) ليگ جي اڳواڻن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

لاهور: پنجاب ۾ عام چونڊن جي معاملي تي(ن) ليگي قيادت متحرڪ ٿي وئي آهي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پارٽي اڳواڻن سان وڊيو لنڪ تي پنجاب ۾ عام چونڊن جي معاملي تي مشاورت ڪئي. نوازشريف پارٽي اڳواڻن کي چونڊ مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.نواز شريف چيو ته عام چونڊون 30 اپريل تي ٿين يا آڪٽوبر ۾، اوهان تياري رکو، پنجاب اسيمبلي جون ٽڪيٽون وفادارن ۽ پنهنجن تڪن ۾ مضبوط اميدوار کي ڏنيون وڃن.اڳوڻي ويراعظم چيو ته پارٽي اڳواڻ عمران خان جي دور جون سموريون بي قاعدگيون ۽ غلط فيصلا عوام جي سامهون رکن.نوازشريف چيو ته اهو هاڻ ضروري ٿي ويو آهي ته قوم کي عمران خان جهڙي فتني کان ڇوٽڪارو ڏياريون، ملڪ ۾ افراتفي پيدا ڪندڙ عناصرن کي قوم جي آڏو ايڪسپوز ڪيو ويندو.نوازشريف چيو ته مريم نواز عمران خان ۽ سندس سهولتڪارن کي بهتر جواب ڏئي رهي آهي، مريم نواز سان گڏ چونڊ مهم ۾ سمورا اڳواڻ شرڪت ۽ تعاون ڪن.