نوازشريف جو مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو، دبئي ملاقات بابت اعتماد ۾ ورتو

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ٿيندڙ ملاقات تي اعتما ۾ ورتو.ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ نگران سيٽ اپ تي پڻ ڳالهيون ڪيون.مسلم ليگ(ن) جي ذريعن چيو آهي ته نوازشريف مولانا فضل الرحمان کي يقين ڏياريو آهي ته سمورن اهم سياسي فيصلن تي اوهان کي اعتماد ۾ وٺي هلنداسين. (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته دبئي ۾ آصف زرداري سان ملاقات معمول موجب ٿي هئي جنهن ۾ ملڪي مسئلن ۽ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.(ن) ليگ جي ذريعن موجب نوازشريف چيو ته نگران سيٽ اپ سميت سمورن معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان عام چونڊن جي حوالي سان پنهنجي موقف کان پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهم فيصلن بابت سياسي مشاورت ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته نوازشريف مولانا فضل الرحمان سان رابطي کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف کي جلد سمورن اتحادي اڳواڻن جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.