مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته نوازشريف سوچي سمجهي ملڪ واپسي جو فيصلو ڪندو.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ اياز صادق چيو ته جنهن شيءَ مان نوازشريف گذري چڪو آهي اهوئي بهتر ڄاڻي ٿو. نوازشريف چونڊ مهم جو حصو بڻجندو.اياز صادق چيو ته آگسٽ ۾ اسيمبليون ڪڏهن ٽوڙيون وينديون ان تاريخ جو اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. امڪان اهوئي آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.هن وڌيڪ چيو ته جيڪو پاڪستان جي خلاف مختلف شين ۾ ملوث هجي ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي. جڏهن انسان جو ضمير جاڳي وڃي ته پوءِ اهو بيان ڏئي ڇڏيندو آهي. اعظم خان هن وقت مناسب سمجهو ته هن پاڻ وڃي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. جيڪو پاڻ هلي وڃي ان کي روپوش چوندا آهن گم ٿيل نه.