نواز شريف هجي يا عمران خان ملڪ جون حالتون تبديل نٿا ڪري سگهن: مفتاح اسماعيل

ڪراچي: پاڪستان جي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته نه عمران خان ملڪ جون حالتون تبديل ڪري سگهي ٿو نه ئي وري نوازشريف. ستائين ملڪ ۾ منظم اصلاحات نه آندي ويندي تيستائين ڪوبه سياسي اڳواڻ هن نظام کي بهتر نٿو ڪري سگهي.نجي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته منهنجو خيال آهي ته مسلم ليگ(ن) قطعي طور تي ايندڙ چونڊن ۾ ڪلين سوئپ نه ڪندي. مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ ڀلي تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان هجي، منهنجي پارٽي جو اڳواڻ نوازشريف هجي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري هجي يا مارشل لا سميت ڪوبه نظام ان وقت تائين تبديل نه ٿيندو جيستائين اسان پنهنجي نظام ۾ تبديلي نه آڻينداسين.هڪ سوال جي جواب ۾ مفتاح ٻڌايو ته مان هاڻ چونڊ سياست ۾ حصو نه وٺندس ۽ پنهنجي سيمينار کان پوءِ سوچيندس ته هاڻ اڳيان ڇا ڪرڻو آهي. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته هو نه حڪومت جو حصو آهي ۽ نه هاڻ حڪومت سان رابطي ۾ آهي. سياسي مسئلن تي روشني وجهندي مفتاح چيو ته پاڪستان ڪيترائي اڳواڻ ڏٺا آهن. اسان مارشل لا، هائبرڊ حڪومتون، عمران خان، آصف زرداري، نوازشريف، شهباز شريف ڏٺا آهن. پر هڪ شيءَ جيڪا اسان ناهي ڏٺي اها آهي ماڻهن جي زندگين ۾ حقيقي بهتري.اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته اسان وٽ هن وقت به اسڪول ڏينهن ويندڙ ٻارن جو اڌ تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي جنهن جو مطلب آهي ته اهي وڏا ٿي پڙهيل لکيل نه ٿيندا ۽ جيڪڏهن اوهان جي اڌ آبادي پڙهيل نه آهي ته مون کي ان سان فرق نٿو پوي ته ناڻي وارو وزير ڪير آهي ڇو ته جيڪڏهن نظام ائين ئي هلندو رهيو ته هن ملڪ جي معيشت ۾ سڌارو نه ايندو.