نوجوانن لاءِ مهارتن جي واڌاري ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور مفت فني تربيتي پروگرام جي داخلائن جو آغاز ڪيو ويو آهي۔یهي پروگرام نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (NAVTTC) ۽ لائيو اسٽاڪ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان جي رهنمائي اسٽرٽيجڪ انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي تحت ڪئي پئي وڃي۔ذريعن موجب لائيو اسٽاڪ انڊسٽري ۾ گهربل اعليٰ مهارتن، خاص طور فش فارمنگ سميت مختلف شعبن ۾ ٽن مهينن جي مفت تربيت فراهم ڪئي ويندي۔ هن پروگرام جو مقصد نوجوانن کي عملي ۽ جديد مهارتن سان ليس ڪري کين بهتر روزگار ۽ خودمختيار روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ آهي۔