نيب اهم شخصيتن خلاف ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس بند ڪري ڇڏيا

قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان قانون ۾ ترميم کان پوءِ اختيار کان ٻاهر ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ڪيسز بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيب چيئرمين 16 ونڊ پاور منصوبن جي جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ونڊ پاور منصوبن جي اپ فرنٽ ٽيرف سان قومي ناڻي تي بار ۽ مني لانڊرنگ جو الزام هو.نيب ترجمان موجب نئين قانون تحت ونڊ پاور منصوبن ۾ ڪرپشن جي جاچ جو اختيار نه رهيو آهي. پر اهو فيصلو ان ڪيسز جي ٻئي ڪنهن ايجنسي يا فرم سان جاچ کي متاثر نه ڪندو.نيب توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکندي رڪارڊ حوالي ڪرڻ لاءِ آفيسر جو نالو طلب ڪري ورتو آهي.