اسلام آباد: نيب اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس واپس ڪري ڇڏيو.دي نيوز جي ايڊيٽر انويسٽيگيشن انصار عباسي جي رپورٽ موجب نيب کي موڪليل ريفرنس تي بيورو ڪو ايڪشن نه ورتو ۽ شڪايت واپس ڪري ڇڏي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه هفتا اڳ نيب جي راولپنڊي آفيس کي هڪ فائل وصول ٿيو، جنهن ۾ فيض حميد جي انڪم ٽيڪس جو رڪارڊ ۽ ٻن صفحن تي ٻڌل هڪ شڪايت نامو موجود هو، شڪايت نامي تي چڪوال سان واسطو رکندڙ ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن جون صحيحون هيون، شڪايت نامي ۾ درخواست ڪئي وئي هئي ته فيض حميد خلاف انڪوائري ڪئي وڃي.ذريعن موجب ڊي جي نيب فائل جو جائزو وٺڻ ۽ اختيارين سان مشاورت کانپوءِ شڪايت واپس ڪري ڇڏي ته لاڳاپيل اختيارين معرفت بيورو کي باضابطا درخواست ڪئي وڃي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نئين نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد بٽ جي مقرري کانپوءِ اميد آهي ته معاملو نيب کي واپس موڪليو ويندو.