ڪراچي: نيو ڪراچي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب مذهبي جماعت جو اڳواڻ ۽ قانون بابت صوبائي صلاحڪار سليم کتري قتل ٿي ويو.پوليس موجب سليم کتري کي نيو ڪراچي سيڪٽر فائيو جي ۾ گهر کان ويجهو حملي جو نشانو بنايو ويو. پوليس موجب سليم کتري کي 5 گوليون لڳيون کيس سخت زخمي حالت ۾ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.ان حوالي سان مذهبي پارٽي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته مقتول اهلسنت ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ ۽ قانوني صلاحڪار هو. ايس ايس پي سينٽرل معروف عثمان موجب مقتول بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد نيو ڪراچي سيڪٽر فائيو جي ۾ پان جي دوڪان تي بيٺل هو ته موٽر سائيڪل تي ايندڙ 4 جوابدار کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.