نگران يا سياسي حڪومت ۾ ڪنهن به عهدي جي دلچسپي ناهي: شبر زيدي

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته کيس ڪنهن به سياسي عهدي ۾ ڪائي دلچسپي ناهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شبر زيدي چيو ته ميڊيا تي چئي چڪو آهيان ته مون کي نگران يا سياسي حڪومت ۾ ڪوبه عهدو نه گهرجي، مان پنهنجي پيرسن امڙ جي ڪري ڪراچي نٿو ڇڏي سگهان هن چيو ته مان پنهنجي ايندڙ زندگي پيشيواراڻي ڪم ۽ ڪتاب لکڻ ۾ گذارڻ چاهيان ٿو، ايس آءِ يو ٽي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، پنهنجي ايندڙ زندگي اسلام ۾ ضائع نٿو ڪرڻ چاهيان.