وزيراعظم شهباز شريف پنجاب ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن وفاق برابر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف طرفان پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن وفاق جي برابر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اها هدايت پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڏني.اهڙي معاملي تي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي پگهارن جي معاملي کي ٻيهر ڪابينه ۾ کڻي وڃڻ جو يقين ڏياريو آهي.ياد رهي ته پنجاب جي مختلف سرڪاري کاتن جي ملازمن پگهارن جي معاملي تي 5 ڏينهن لاهور ۾ ڌرڻو هنيو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار ملڪ احمد سان ڳالهين کان پوءِ ملازمن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو هو.ان موقعي تي ملڪ احمد خان سرڪاري ملازمن سان ملاقات ۾ مطالبا پورا ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو. ڳالهين کان پوءِ وزيراعظم جي صلاحڪار چيو هو ته ملازمن جي مطالبن کي تمام جلد پورو ڪيو ويندو.