وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي پهرين اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي روڊ ميپ تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن دوران وزيراعظم پاڪستان جي پهرين اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو جديد ماڊل نوجوانن کي روزگار جي قابل بنائڻ لاءِ نجي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيندو. هن چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سيکاريا ويندا. حڪومت نوجوانن کي هنر ۽ تعليم سان گڏ ملڪ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار فراهم ڪري رهي آهي شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هو هر 2 مهينن کان پوءِ روزگار جي فراهمي جي روڊ ميپ تي عمل ڪرڻ جو جائزو پاڻ وٺندو. پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار لاءِ هنرمند ماڻهن جي تياري کي ترجيح ڏني ويندي.