وفاقي سرڪار 9 ۽ 10 محرم الحرام تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موڪل جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب 9 محرم 28 جولاءِ جمعو ۽ 10 محرم 29 جولاءِ ڇنڇر تي عام موڪل هوندي.ٻئي طرف محرم الحرام جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ قلم 144 لاڳوڪئي وئي آهي جڏهن ته 9 ۽ 10 محرم تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. سنڌ جي گهرو وزارت صوبي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ صوبي ۾ 9 ۽ 10 محرم تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. ٻيلهه سواري تي پابندي واري حڪم کان عورتون، ٻار، معذور ماڻهو ۽ بزرگن کي ڇوٽ حاصل هوندي.سنڌ صوبي ۾ محرم دوران هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان علاوه ڪنهن کي به هٿيار کڻي هلڻ جي اجازت نه هوندي. مجلسن ۽ امام بارگاهه کان علاوه 5 ماڻهن کان وڌيڪ جي بيهڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته هوٽلن ۽ عوامي هنڌن تي وي سي آر ۽ فلمن جي نمائش تي به پابندي لڳائي وئي آهي.ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزارت محرم الحرام دوران سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 245 جي تحت سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت ان حوالي سان چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت کي به خط اماڻي ڇڏيو آهي.