وقت کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي تي پيپلز پارٽي ۾ اختلاف

تفصيل موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي ۾ اڃا تائين اسيمبلي جلد ٽوڙڻ واري معاملي تي اتفاق ناهي ٿيو، پ پ جا سينيئر اڳواڻ اسيمبلي جو مقرر مدو پورو ڪرڻ جي حق ۾ آهن ۽ پ پ قيادت جي فيصلي تي سخت ناراض آهن پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻن فيصلي تي نظرثاني جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن لاءِ آصف زرداري سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پارٽي اڳواڻن اختلاف راءِ جو اظهار ڪندي آصف زرداري سان رابطو نه ٿي سگهيو ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت پارٽي سان صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو، پ پ قيادت اتحادين جي دٻاءُ سبب اسيمبلي ٽوڙڻ تي راضي ٿي وئي، اتحادين جي دٻاءُ سبب اسيمبلي ٽوڙڻ تي اتفاق افسوسناڪ آهي پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادين جي دٻاءَ هيٺ آيل فيصلا پارٽي جي ساک لاءِ نقصانڪار آهن، پي ٽي ايم ڇڏڻ باوجود سندن هدايتن تي آيل فيصلا افسوسناڪ آهن، پ پ کي ڪهڙي ضرورت هئي جو اتحاد ڇڏڻ جي پي ڊي ايم جا فيصلا قبول ڪري پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي اليڪشن کان ڊنل آهي، ان ڪري پي ڊي ايم شڪست جي خوف کان اليڪشن کان ڀڄڻ چاهي ٿي.