ڪراچي: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر بڻجي ويو.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، مراد علي شاهه کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني.اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ اسپيشل ڪانووڪيشن ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن به شرڪت ڪئي.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مراد علي شاهه کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ جون تصويرون ٽوئيٽر تي به شيئر ڪيون.پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ تي وزيرن طرفان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي.