لاهور: وڏي وزير پنجاب ٽرانسپلانٽ پروگرام تحت سڄي پنجاب جي چونڊيل سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ ٽرانسپلانٽ جي مريضن کي مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.پنجاب هيومن آرگن ٽرانسپلانٽ مئنيجمينٽ ڪمپني موجب، هن پروگرام تحت عضون جي پيوندڪاري واري شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن. گذريل 16 مهينن دوران 5 ارب رپين جي لاڳت سان 2 هزار کان وڌيڪ مفت ٽرانسپلانٽ ۽ امپلانٽ جا ڪيس مڪمل ڪيا ويا آهن.انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ 997 گردن (ڪڊني) جا ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، جڏهن ته 322 جگر (ليور) ٽرانسپلانٽ به ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا. ساڳئي عرصي دوران 42 بون ميرو ۽ 41 ڪارنيا (اک) جا ٽرانسپلانٽ پڻ مڪمل ڪيا ويا.