ايف ايف سي انتظاميا ميرپور ماٿيلو جو ساراھ جوڳو قدم گھوٽڪي ضلعي جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما جي ذاتي ڪاوشن سان سونا ويلفيئر اسپتال ۾ ڪاري ڪامڻ ھيپاٽائٽس بي ، ھيپاٽائٽس سي سميت مختلف بيمارين لاء مفت طبي ميڊيڪل ڪئمپ قائم ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما ربن ڪاٽي ميڊيڪل ڪئمپ جو افتتاح ڪيو مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن پاران سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي شاگردن سميت سوين مريضن جون ٽيسٽون مفت چڪاس ويڪسيئن ڪرڻ بعد مفت دوائون فراهم ڪيون تندرستي هزار نعمت آهي اسان جو عزم ئي آھي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ڇوته انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ھڪ افضل عمل آهي ايف ايف سي انتظاميا پاران عوام کي ھر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ وارو سلسلو بدستور جاري آھي برگيڊيئر محمد سليم چيما جون ميڊيا ميڊيا سان ڳالھيون ، تفصيل موجب گھوٽڪي ضلعي جي صنعتي اداري ايف ايف سي انتظاميا جي انسان دوست آفيسر برگيڊيئر محمد سليم چيما جي خاص سھڪار سان سونا ويلفيئر اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ ڪاري ڪامڻ ھيپاٽائٽس بي ھيپاٽائٽس سي سميت مختلف بيمارين جي لاءِ مفت طبي جرنل ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي جنھن ۾ سونا ويلفيئر اسپتال جي ماھر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين ڊاڪٽر منزہ رشيد ڊاڪٽر فائق عباسي سميت ٻين مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي شاگردن سميت آس پاس جي علائقن سان تعلق رکندڙ سوين مريضن جون ھيپاٽائٽس بي ۽ ھيپاٽائٽس سي ڪاري ڪامڻ سميت مختلف قسمن جون مفت ٽيسٽون ڪري مفت دوائون فراهم ڪيون ويون ۽ مريضن کي مفت سينيٽائزر ماسڪ پڻ فراھم ڪرڻ سان گڏ و گڏ ويڪيسئن جو ٻيون ڊوز مڪمل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ مريضن پاران ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما ڪرنل شڪيل چٺا ڪرنل شجاعت منھاس پي آر او امان الله شر ۽ احمد علي سومرو جي ساراھ ڪندي چوڻ هو ته ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما ۽ سندس ٽيم گھوٽڪي ضلعي ۾ حاليا برساتن بعد گھوٽڪي ضلعي جي عوام کي ھر قسم جون سھولتون ۽ رليف فراهم ڪري ھڪ مثال قائم ڪري ڇڏي آهي جنھن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي ان موقعي تي ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته تندرستي هزار نعمت آهي اسان جو عزم ئي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آھي ڇوته انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ھڪ افضل عمل آهي حاليا برساتن بعد عوام کي راشن دوائون ٽينٽ نياڻين جي شادين ۾ ڏاج ڏيڻ سان گڏ و گڏ متاثرين جي گھرن جي بحالي وارو ڪم به بدستور جاري آهي ھاڻ مسڪين ماروئڙن کي وڌيڪ ھر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاء مفت طبي ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي جنھن ۾ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن اسان جي ڪوشش آھي ته گھوٽڪي ضلعي جي عوام کي ھر ممڪن رليف فراهم ڪيون